بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان چين جي مدد سان سيمي ڪن??يڪ??رز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري دوران هن سيمي ڪن??يڪ??رز انڊسٽري جي پاڪستان منتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽيڪنالاجي نه رڳو پاڪستان پر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته اسان چاهي??ن ٿا ته چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان اچن ۽ پاڪستان کي سيمي ڪن??يڪ??رز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻائين. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ان مدي دوران هن سيمي ڪن??يڪ??رز ٽيڪنالاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ سيمي ڪن??يڪ??رز مهارت ۾ پاڪستانين کي تربيت جي فراهمي جي لاءِ چين سان حصيداري پڻ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪستان ۾ سيمي ڪن??يڪ??رز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاهي??ن ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاج?? زون کي سيمي ڪن??يڪ??رز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موبائيل فونز هاڻي پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌندي پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاهي??ن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت جي شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن دوران اسان ان شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻي پاڪستان ان حوالي سان هڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته اهو اهم سنگ ميل اسان مختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپنيون ٽيڪنالاج?? زون ۾ اسان جي مدد ڪنديون ۽ اهڙي طرح اسان انهن شعبن ۾ ڪاميابي سان اڀري سگهنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪيتريون ئي چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان اينديون ڇو ته سيمي ڪن??يڪ??ر هر ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن سان مقامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تازي دوري دوران چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
BG آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
Passing-out parade of FC recruits
-
Seminar on protecting wildlife
-
Many of Pakistani Taliban have joined IS: US general
-
Thar Desert herders demand vaccination campaign for livestock
-
Declamation contest, essay writing held
-
Anti-polio drive aims to vaccinate at least 800,000 children
-
PEMRA issues show cause notice to ‘Channel24’
-
Kamran Michael condemns Canada shooting attacks
-
ورچوئل اسپورٹس ریلیبلٹی انٹرٹینمنٹ ایپ: نئے دور کی تفریح کا ذریعہ
-
الیکٹرانک پروب آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
کیلونگ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا بہترین پلیٹ فارم