اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪ??زو?? ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لاءِ اختلاف راءِ جا آداب سامهون رکو ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ ??در??ن ۾ به اختلاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اختلاف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لاءِ ٻه شيون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اختلاف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ۽ علوم و فنون جو فروغ اختلاف راءِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اختلاف راءِ جي آداب کي ??امهون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪجهه معاملن تي اتفاق آهي اتي ڪجه معاملن ۾ اختلاف راءِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لاءِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسان کي ??ختلاف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاختلاف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان کي ??ه رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اختلاف راءِ جي آداب کي ??مجهڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ ??در??ن ۾ به اختلاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي معاملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اختلاف راءِ جي ادب کي ??ختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪ??زو?? ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.
متعلقہ مضامین
-
48 miscreants in Kurram arrested: IGP told
-
Neither army nor military courts part of judiciary: SC judge
-
PIA to resume flights to UK after Eidul Fitr
-
ATC revokes bail of 16 PTI leaders including Sanam Javed and Mishal Yousafzai
-
Naqvi blames foreign hands for terror plot, seeks probe into Pahalgam incident
-
Ten Times Victory Official Entertainment App - تفریح کی دنیا میں انقلاب
-
فائٹنگ کاک ٹرسٹ بیٹنگ ایپ کا تعارف
-
Another blow
-
Rs 710m corruption appears in USC
-
Pakistan ranked 138 among 189 world economies
-
Khyber Pakhtunkhwa NAB arrests accused in illegal land allotment case
-
Military enters last bastion of terrorists