اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بپر جوائي جو پاڪستاني سامونڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلوميٽر تائين رهجي ويو آهي، سامونڊي علائقن ۾ ڌُنڌ پکڙيل آهي، اڳواٽ وارننگ ۽ آگاهي مهم سان جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن ۾ مڪمل رابطا قائم آهن، صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن. سامونڊي طوفان بپر جوائي جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت اجلاس جو بندوبست ڪيو ويو. اجلاس ۾ موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، وفاقي وزير خرم دستگير خان ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيد?? ملڪ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي تائين اهڙي صورتحال رهي ته اُڏامن جو شيڊول به متاثر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن طوفان جي شدت ۾ اضافو ٿيو ته صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، انهن ماڻهن کي شروعاتي طور تي خوراڪ ۽ ميڊيڪل جي سهولتن جي ضرورت هوندي. هن چيو ته سامونڊي طوفان ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ ميڊيا تي هر 2 ڪلاڪن بعد اپ ڊيٽ ڪنداسين. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو عمل اڄ رات تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي علائقن جي ويجهن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملاحن کي ان الرٽ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، هاڻ به اطلاع آهن ته ڪجهه ملاح سمنڊ ۾ موجود آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ 110 ملي ميٽر تائين برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ت?? بدين، ٺٽو ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ 300 ملي ميٽر تائين بارش جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته طوفان جو رُخ في الحال پاسڪتان طرف ناهي پر احتياط ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ته طوفان جو اثر بجلي جي نظام تي به پئجي چڪو آهي، سمنڊ ۾ ايل اين جي جا جهاز في الحال رُڪجي ويا آهن ۽ بجلي بڻائڻ لاءِ اندروني ذريعن سان ايل اين جي فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وڏي پاور پلانٽ کي خدانخواسته نقصان ٿيو ته اڳواٽ متبادل انتظام ڪري رهيا آهيون، پوري سسٽم جي نگراني ڪري رهيا آهيون.
متعلقہ مضامین
-
In a mission for free and quality education
-
IHC serves notice on ICA regarding formation of capital’s assembly
-
SC to hear pleas seeking inquiry into May 9 riots, election results
-
PM&DC to prepare standardized fee structure
-
Cracker attack on police camp leaves four injured
-
Pakistan makes large US soybean purchase
-
خوشحال جیولری اینٹرٹینمنٹ کا سرکاری داخلہ
-
لکی ڈریگن ایماندار بیٹنگ ویب سائٹ - آپ کا قابل اعتماد آن لائن جوئے کا پلیٹ فارم
-
Nisar says Daesh has no presence in Pakistan
-
Khan criticised Nawazs dishonest reply to ECP
-
Another blunder by PIA: PPP leader on wrong flight
-
Balochistan seeks tax amnesty for investors in Gwadar