اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي صدارت ڪئي. دولت مشترڪه جي 45 کان وڌيڪ ملڪن جي يوٿ منسٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جيڪو دولت مشترڪه پ??ران 2023ع کي ”نوجوانن جي سال“ طور ملهائڻ جي هڪ حصي طور منعقد ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس جي صدارت ڪندي نگران پرڏيهي وزير عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي ترتيب ڏيڻ ۾ دولت مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته دولت مشترڪه جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. شرڪت ڪندڙن نوجوانن جي لاءِ ??وقعا پيدا ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ غور ڪيو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ ڪري سگهن. نگران پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان حڪومت جي فليگ شپ يوٿ پراجيڪٽ ”پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام“ بابت ٻڌايو جنهن 10 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هي پروگرام ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام جي چار اي ايس تحت طئي ٿيل مقصدن سان ويجهي هم آهنگ رکي ٿو، يعني مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحوليات. پاڪستان حڪومت فور ايز مان هر هڪ تحت مخصوص واعدا ڪندي 80 ارب رپين جا منصوبا مخصوص ڪري موجوده مالي سال جي لاءِ ??وجوانن جي ترقي جي لاءِ ??نهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اجلاس جي موقعي تي نگران پرڏيهي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل ۽ سريلنڪا، روانڊا، جميڪا ۽ ساموا جي يوٿ منسٽرز سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. نگران پرڏيهي وزير دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل، لنڊن جي ميئر ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي جڳهه تي رواي??ي ٽرڪ آرٽ اسڪوٽرز ۽ بليو مٽيءَ جي ٿانون ۾ پاڪستان ج?? متحرڪ رنگن ۽ ڊيزائنن جي شاندار نمائش ڪئي وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بيان موجب پاڪستان دولت مشترڪه کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تنظيم سان پنهنجُون ويجهيُون مصروفيتون جاري رکڻ جي لاءِ ??رعزم آهي.
متعلقہ مضامین
-
Aztec Treasures Rasmi Tafreehi Link - Dilchasp Offers aur Khail
-
Aztec Treasures Rasmi Tafreehi Link - Dilchasp Offers aur Khail
-
Compensation cheques distributed among Gulshan Iqbal victims
-
Indian granite point of tension between FBR, Commerce Ministry
-
Ahsan Iqbal delivers talks at Cambridge, Oxford Universities
-
Punjab govt accused of harassing PPP leaders
-
Court acquits PPP ex-MPA in double murder case
-
Fortune Rabbit Official Download Entry
-
R88 الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کا مکمل گائیڈ
-
VIA آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
منی ٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
رائل کروز آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ کی مکمل تفصیلات