اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي نشرياتي ادارن جي نيلامي جو نعرو لڳائيندڙن 2014ع ۾ پي ٽي وي ۽ 9 مئي 2023ع تي ريڊيو پا??ست??ن تي حملو ڪيو، اسان اقتدار ۾ اچي انهن ا??ارن کي نيلام ڪرڻ جا نعرا نه هنيا پر انهن کي بحال ڪيو، ريڊيو پا??ست??ن ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي، 14 آگسٽ 1947ع تي پا??ست??ن جي اعلان لاءِ انهي ريڊيو جو ٽرانسميٽر استعمال ٿيو هو، اسان 14 م??ينن جي مختصر مدي ۾ ريڊيو پا??ست??ن ۾ هنگامي بنيادن تي بحالي جو پروگرام شروع ڪيو، اڄ ريڊيو پا??ست??ن ۾ 12 اسٽوڊيوز جي شروعات ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آ??ِ پاران روزانو چيو ويندو هو ته ملڪ سريلنڪا بڻجي ويندو پر اسان ملڪ کي ڊيفالٽ مان ڪڍي معيشت مستحڪم ڪئي، اسان جي دور ۾ فچ جي ريٽنگ بهتر ٿي، پا??ست??ن گري لسٽ مان نڪتو، اظهار راءِ جي آ??ادي ۾ پا??ست??ن جي درجابندي ۾ 7 درجا بهتري آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پا??ست??ن ا??لام آباد جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ڊي جي ريڊيو پا??ست??ن طاهر حسن پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي قومي نشرياتي ادارن جون عمارتون نيلام ڪرڻ جا نعرا نه هنيا، اسان 14 م??ينن جي مختصر مدي ۾ ريڊيو پا??ست??ن ۾ بحالي جو پروگرام شروع ڪيو. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي، گذريل حڪومت جي دور ۾ ريڊيو پا??ست??ن جي نيلامي جون ڳالهيون ٿينديون هيون. ان موقعي تي هن پريس ڪانفرنس دوران ريڊيو پا??ست??ن جو اهو ٽرانسميٽر پڻ ميڊيا کي ڏيکاريو جنهن تان 14 آگسٽ 1947ع تي پا??ست??ن جي آ??ادي جو اعلان نشر ٿيو هو. اطلاعات واري وفاقي وير چيو ته جن ماڻهن قومي ادارن کي نيلام ڪرڻ جو نعرو هنيو، انهن 2014ع ۾ پي ٽي وي تي حملو ڪيو ۽ پوءِ 9 مئي 2023ع تي ريڊيو پا??ست??ن تي حملو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي تي ريڊيو پا??ست??ن، حساس عمارتن تي حملا ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته اڄ اسان الحمدالله ريڊيو پا??ست??ن جي لاءِ هڪ بزنس پلان تيار ڪيو آهي. ريڊيو پا??ست??ن تان 94 ايف ايم فريڪوئنسي سان 24 ڪلاڪ اسپورٽس جي ٽرانسميشن شروع ڪئي وئي آهي، اهڙي ط??ح 11 علائقائي زبانن ۾ نشريات جي پڻ شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ريڊيو تان ماحوليات بابت نشريات، آءِ ٽي بابت معلومات جي فراهمي جي لاءِ ٽيڪ نشريات، ڊراما، پروڊڪشن، آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان ا??ٽوڊيوز، 24 ڪلاڪ نشريات رکندڙ پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اوورسيز پا??ست??نيز پا??ست??ن جي حوالي سان سمورو مواد پوڊ ڪاسٽ جي ورلڊ سروس تان حاصل ڪري سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايف ايم 101 جا 25 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان تقريب جلد منعقد ٿيندي. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن ۾ نيوز بليٽن نيشنل جي نالي سان پڻ اسٽوڊيو شروع ڪيو ويو آهي، اهڙي ط??ح مجموعي طور تي اڄ 12 اسٽوڊيوز جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪي عالمي معيار موجب آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهي سموريون شيون 14 م??ينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ٿيون آهن جڏهن ته گذريل چار سال اهڙو اطلاعات وارو وزير هو جيڪو ادارن تي ڌيان ڏيڻ بدران صحافين جي منهن تي چماٽ هڻڻ ۾ مصروف هو. گذريل چار سالن دوران صحافين بدترين سينسرشپ ڏٺي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان 14 م??ينن جي مختصر مدي ۾ اسان تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، اسان فلم، ڪلچر ۽ پا??ست??ن جي ورثي کي فروغ ڏنو. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جي سمورن ا??ٽوڊيوز کي يونيورسٽين جي لاءِ پڻ اوپن ڪيو ويندو. ريڊيو پا??ست??ن اهو ئي پليٽ فارم نوجوانن کي به فراهم ڪندو ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اڪيڊمي، ريڊيو پا??ست??ن جي اڪيڊمي ۽ انفارميشن سروس اڪيڊمي کي ضم ڪري يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آ??ِ نفرت، ڪوڙ کي پروان چڙهايو ۽ منفي پروپئگنڊه ڪئي، پي ٽي آ??ِ آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو ڪيو، پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ان کي معطل ڪيو ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو ڇڏي هليا ويا ۽ اڄ موصوف فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن ا??ان آءِ ايم ايف جي حمايت نه ڪريون ها، ساٿ نه ڏيون ها ته آءِ ايم ايف نه مڃي ها ۽ ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته اها انهن جي ذهني ڪيفيت آهي. هن چيو ته هڪ طرف فراڊ ۽ چوري ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي ط??ف اتحادي حڪومت 14 م??ينن جي مختصر مدي ۾ ملڪ کي تعمير ڪيو، اڄ 14 م??ينن جي ڪارڪردگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پا??ست??ن ۾ انساني حقن جي صورتحال کي بهتر چيو آهي. فچ پا??ست??ن جي معيشت کي بهتر چيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آ??ِ پاران روزانو چيو ويندو هو ته ملڪ سريلنڪا بڻجي ويندو پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان ا??ان پا??ست??ن کي ڊيفالٽ مان ڪڍي معيشت کي مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اسان جي دور ۾ فچ جي ريٽنگ بهتر ٿي، پا??ست??ن گري لسٽ مان نڪتو، اظهار راءِ جي آ??ادي ۾ پا??ست??ن جي درجابندي ۾ 7 درجا بهتري آ??ي. هن سوال ڪيو ته ڪهڙو سبب آهي جو چار سالن تائين ملڪ تي مڙهيل وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر چيو ويو؟ ڪهڙو سبب آهي جو هيومن رائيٽس رپورٽ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي هئي ته ان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي نظر ايندي هئي؟ ڪهڙو سبب آهي جو هي پا??ست??ن جي معيشت کي تباهه ڪري ڊيفالٽ جي ويجهو ڇڏي ويا هئا؟ سبب رڳو اهو هو ته ويزن ۽ مشن مختلف هو. هن چيو ته هاڻي هڪ تعميري ويزن آهي جنهن جا نتيجا اڄ ريڊيو پا??ست??ن ۽ پا??ست??ن ٽيليويزن ۾ ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جا سمورا آرڪائيوز ڊيجيٽل ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان عوام کي تمام جلد خوشخبري ٻڌائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته پا??ست??ن معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، پا??ست??ن جي اندر عوام کي روزگار جي فراهمي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي سميت سمورا معاشي اشارا بهتر ڪرڻ جو مشن جاري آهي، اسان مشڪل فيصلا ڪيا پر عوام به حڪومت تي اعتماد ڪيو ۽ صبر کان ڪم ورتو جنهن تي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي. وفاقي وزير چيو ته اتحادي حڪومت سياسي بصيرت سان ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ سدائين وانگر ٻيهر ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، اڄ جيڪي قدم کنيا ويا آهن اهي انهي جي ڪڙيءَ آهن ته ڪهڙي ط??ح انهن ا??ٽوڊيوز کي مونٽائز ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪيئن مالي لحاظ کان بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن وٽ جيڪا سهولت موجود آهي اها ملڪ جي ڪنهن ٻئي نشرياتي اداري وٽ نه آهي، ان سهولت سان ريڊيو پا??ست??ن مالي فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي جي 35 رپيا لائيسنس فيس وانگر ريڊيو پا??ست??ن جي لاءِ به فيس جو تعين ڪيو ويو آهي جنهن سان ريڊيو پا??ست??ن سٺو روينيو حاصل ڪري سگهي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ريڊيو پا??ست??ن جو بهترين ڊيجيٽل پليٽ فارم آهي. ريڊيو پا??ست??ن پنهنجي وسيلن سان آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي به ڊيجيٽل ڪيو آهي جڏهن ته اڄ جيترا اسٽوڊيوز ٺاهيا ويا آهن اهي ريڊيو پا??ست??ن فائونيشن ٺاهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1947ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل ڊي آ?? ايم هزار ڪلوواٽ جا چار بلين رپيا ماليت جا ٽرانسميٽ پراجيڪٽ حڪومت پي ايس ڊي پي ۾ منظور ڪيو آهي. اهو منصوبو روات ۾ شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. هن چيو ته ان ٽرانسميٽر جي ذريعي 40 ملڪن تائين ريڊيو جا سگنلز پهچندا.
متعلقہ مضامین
-
فینکس رائز آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس کا افتتاح
-
NS الیکٹرانک کریڈیبلٹی انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Heatstroke claims two lives in Karachi
-
JKAAC pays tribute to July 13 martyrs, Wani and others
-
PTI takes Nawazs alleged corruption evidence to NAB
-
Istanbul nightclub attacker finally captured
-
Crypto Gold App Game Official Website
-
وائلڈ ہیل آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا مرکز
-
GW لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ اور طریقہ کار
-
Esme Electronics کی آفیشل گیم ویب سائٹ: ایک جدید گیمرز کی جنت
-
GW لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ اور طریقہ کار
-
زیما آن لائن: ایک قابل اعتماد تفریحی پلیٹ فارم