اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، يوٿ پروگرام تحت قرضن جي ورڇ ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايم اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت 2013ع کان هيستائين 550000 ماڻهن کي تربيت ??ني وئي آهي، اڳئين مرحلي ۾ 56000 ماڻهن کي تربيت ??ني ويندي جنهن ۾ وڏو حصو هائي ٽيڪ اسڪلز جو هوندو. وڌيڪ اهو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 2013ع کان جون 2023?? تائين 500000 ليپ ٽاپس نوجوانن ۾ ورهايا ويا، سال 2023?? ۾ هڪ لک ليپ ٽاپس نوجوانن کي ڏنا پيا وڃن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي ايم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت 2013 – 2023?? تائين نوجوانن کي 100.7 بلين رپين جا آسان قرض ڏنا ويا جڏهن ته پي ايم ٽيلينٽ هنٽ اينڊ اسپورٽس ليگ تحت 83323 نوجوانن کي بيڊمنٽن، فٽبال، اسڪوائش، والي بال ۽ ٻين راندين ۾ موقعو ڏنو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايم يوٿ ڊيولپمينٽ پئڪيج 24 – 2023?? ۾ 80 بلين رپين جي اسڪيمز رکيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ ايجوڪيشن ا??ڊو??ينٽ فنڊ، وومين امپاورمنٽ، بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون ٽيوب ويل سولرائيزيشن، ليپ ٽاپس اسڪيم، اسپورٽس ا??ڊو??نٽ فنڊ، گرين ريولوشن، ڊيجيٽل هب ون ونڊو شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته نوجوان نسل قوم جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن هدايت ??ئي ته يوٿ پروگرام تحت قرضن جي ورڇ ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ??ئي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي نوجوانن جي لاءِ پي ايم يوٿ اسڪيمز ۾ خصوصي اهميت ?? ڌيان ڏنو وڃي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اسڪل ڊيولپمينٽ اسڪيمز جي حوالي سان اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن سان گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ??ئي ته اسڪل ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ماسٽر ٽرينرز جي لاءِ پڻ تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي صلاحيت ?? اضافو ٿي سگهي ۽ اهي ٻين ماڻهن کي معياري تربيت ??ئي سگهن. اجلاس ۾ نگ??ان وزيراعظم جي سياحت ۽ نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون سيد وصي شاهه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
خوشحال جیولری اینٹرٹینمنٹ کا سرکاری داخلہ
-
لکی ڈریگن ایماندار بیٹنگ ویب سائٹ - آپ کا قابل اعتماد آن لائن جوئے کا پلیٹ فارم
-
Nisar says Daesh has no presence in Pakistan
-
Khan criticised Nawazs dishonest reply to ECP
-
Another blunder by PIA: PPP leader on wrong flight
-
Balochistan seeks tax amnesty for investors in Gwadar
-
Hell Heat Entertainment آفیشل پلیٹ فارم
-
Dice High Low آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
MW الیکٹرانکس کی سرکاری ویب سائٹ: جدید الیکٹرانک مصنوعات کا بہترین پلیٹ فارم
-
صبا اسپورٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ - مکمل گائیڈ اور تفصیلات
-
آن لائن ریپوٹیشن بیٹنگ پلیٹ فارمز کا ڈیٹا بیس اور اس کی اہمیت
-
AFB الیکٹرانک ایپ ڈاؤنلوڈ پورٹل: مکمل گائیڈ