اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر بدران ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن سميت آرگنائيزرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جي جلسي ۾ رڪاوٽ نه وجهنداسين باقي ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن کي نه ڇڏينداسين، ڪرسيءَ ڇڏي ڏيندس پر بدعنوان عنصرن کي اين آر ??و نه ڏيندس، اين آر ??و ڏنم ته اها سڀ کان وڏي غداري هوندي، مخالف ڌر سمجهي ٿي ته آئون انهن جي جلسن سان دٻاءُ ۾ اچي ويندس پر اها انهن جي غلط فهمي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي ملڪ جي ايشوز ۾ ڪا دلچسپي نه آهي، هي ما??هو رڳو چاهين ٿا ته آئون انهن کي اين آر ??و ڏئي ڇڏيان، 22 ڪروڙ مان رڳو 15 لک ما??هو ٽيڪس ڏين ٿا، ما??هو ٽيڪس ڏيندا ته ملڪ ترقي ڪندو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن جي دور ۾ ملڪ جو قرض 6 هزار ارب ڊالر مان 30 ارب ڊالرز تائين پهتو، قرضن جي قسطن جي ادائيگي سان ملڪ تي بار وڌي ويو، ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان فرار ٿيندڙ آزاد گهمي رهيا آهن، ڪجهه صحافي هاءِ ڪورٽ ويا ته نواز شريف کي تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، هي اربين رپيا ڦريندڙن کي اظهار راءِ جي آزادي جو نالو ڏئي رهيا آهن، اهڙي سوچ سان معاشري کي نقصان پهچي رهيو آهي، ماضي ۾ ڪراچي، بلوچستان، فاٽا ۽ گلگت بلتستان کي نظرانداز ڪيو ويو، بدقسمتي سانملڪ ۾ جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي عبارتناڪ سزائون ڏينداسين، نبي ڪريم صه کانسواءِ ڪنهن کي رول ما??ل نه ٿو سمجهان، اسان کي انهن جي زندگي مان سکڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جو وڏو مسئلو آمدني ۽ خرچ ۾ خسارو آهي، اهو ٻن سالن جو نه پر گذريل 40، 50 سالن جو مسئلو آهي، (ن) ليگ جي 5 سالن جي دور ۾ روانگي واپار 5 سيڪڙو گهٽ ۽ آمدني واپار 60 سيڪڙو وڌيو، جڏهن روانگي واپار ۽ آمدني واپار جو ايترو وڏو فرق هجي ته ائين ڪهڙو ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو، سنگاپور جي آبادي 50 لک آهي ۽ ان جو روانگي واپار 323 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته حڪومت جي لاءِ پهريان ٻه سال مشڪل هئا پر هاڻي ملڪ جو رخ تبديل رهيو آهي، گذريل 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو اسان جو ملڪ انڊسٽريلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي، گذريل 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گذريل چئن مهينن کان سرپلس ۾ وڃي رهيو آهي ۽ روانگي واپار 25 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جيڪي ما??هو پڇن ٿا ته اسان ٻن سالن ۾ ڇا ڪيو، انهن کي ٻڌايان ٿو ته اسان هي ڪيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس آفیشل گیم پلیٹ فارم
-
Senate debates induction of retd army officials to top slots
-
Another case of maid torture surfaces
-
ورجینیا الیکٹرانکس کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
GW لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ اور طریقہ کار
-
Esme Electronics کی آفیشل گیم ویب سائٹ: ایک جدید گیمرز کی جنت
-
MW الیکٹرانکس کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ: ڈرائیورز، سافٹ ویئر اور سپورٹ
-
جی ای ایم الیکٹرانکس کریڈٹ بیٹنگ انٹری کی جدید سہولیات
-
VIA آن لائن: تفریح کا ایک قابل اعتماد پلیٹ فارم
-
جی ای ایم الیکٹرانکس کریڈٹ بیٹنگ انٹری کی جدید سہولیات
-
Hula آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ - ایک نئی گیمنگ دنیا کا تجربہ
-
R88 الیکٹرانک سرکاری گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: محفوظ اور دلچسپ گیمنگ کا تجربہ