واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان چي?? آهي ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪ??و، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ ل??ءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن وٽ امن ک??ن سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سفير چي?? ته هي وقت آهي ته ماضي م??ن سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اهو موقف رهيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اسان اهو به واضح ڪيو ته آمريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اهم پيش رفت به ٿي. هن چي?? ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن چي?? ته خدشن جي برعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين ??هش??گرد حملن بابت سوال تي هن چي?? ته اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چي?? ته ??هش??گردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو. هن چي?? ته اسان پاڻ ??هش??گردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي س??ن سوال تي سفير چي?? ته آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا آهن. نائين اليون بعد اسان افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستاني سفير چي?? ته وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو مان ان جي سوڳوار خاند??ن سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. ??هش??گردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
Four Levies personnel, driver martyred in DI Khan attack
-
جیک پاٹ سلاٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ مکمل گائیڈ
-
Pervaiz visits Edhi to inquire after his health
-
13 rounds of talks for Siachen took place between Pakistan, India
-
2018 polls will bring political demise of opp, claims Nawaz
-
Irreversible injustice if schizophrenic executed
-
ورچوئل فٹبال لیگ ایپ ڈاؤن لوڈ
-
ٹبر آف ٹریژرز آفیشل گیم ویب سائٹ کی مکمل تفصیل
-
PT آن لائن ایماندار بیٹنگ گیٹ وے کی خصوصیات اور فوائد
-
ہولا ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ لنک: تفریح کا جدید پلیٹ فارم
-
فارچیون ڈریگن انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ لنک کی منفرد خدمات
-
Esme Electronics ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم: تفریح کا نیا معیار