اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي قدم جي مذمت ڪندي ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو، ڀارت هاڻي انڊيا بدران هنديا بڻجي چڪو آهي، جيڪا گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، ڪشميرين جي دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اهي شڪست کائي چڪا آهن، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان ??ڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَالله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان جو حصو بڻجندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير تي خاص سيشن منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، اهو خوش آئنده آهي ته ڪشمير تي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، مخالف ڌر جا ٿورا مڃ??ن ??و جنهن فهم ۽ فراست ۽ دورانديشي جو مظاهرو ڪيو ۽ سياست کان ??شمير مسئلي کي مٿانهون رکيو ۽ تنقيد ۾ به تعمير جو پهلو آهي جنهن جو مقصد بهتر طريقي سان ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي، اڄ پوري پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃ??ن ??و جنهن ڪشمير ڪاز سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سڄي ملڪ ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم جي مذمت ڪئي وئي آهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن سميت ٿر ۾ به سوين ماڻهو ڀارت جي مذمت ۾ نڪتا آهن، نه رڳو اندرون پر ٻاهرئين ملڪ به پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سف??رت??انن ۽ مشنز کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ڀارت 5 آگسٽ تي وڏي حماقت جو مظاهرو ڪيو ان جي قدم سان سڄي دنيا ۾ اهو مسئلو اجاگر ٿيو، ڀارت جي قدم جي خلاف سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ مضمون شايع ٿيا، پاڪستاني قوم 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مظفرآباد ۾ سمورين سياسي پارٽي?? وزيراعظم سان يڪجهتي جو پيغام ڏنو آهي، ڀارت جي اندران تنقيدي آواز اٿي رهيا آهن، مودي جي پاليسي کي پاڻ ڀارت جي اندر ناڪام چيو پيو وڃي، ڀارت هاڻي انڊيا مان هنديا بڻجي چڪو آهي، اها گانڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، مودي بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جو بنياد رکي رهيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته پوري مسلمان امت ان جي مذمت ڪندي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو کي هڪ سال گذري ويو، اڄ به انساني حق معطل آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، عالمي ادارن کي داخلا جي اجازت نه آهي، نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڀارت شڪست کائي چڪو آهي، ڪشميرين جا دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اسان ٻيهر سلامتي ڪائونسل ۾ اهو مسئلو اٿاري رهيا آهيون، پاڪستان جي نئين نقشي کي سڀني متفقه طور تي منظور ڪيو آهي، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن سان ??ڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَ الله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان بڻجندو.
متعلقہ مضامین
-
Cops suspended for harassing youngster
-
فگوایشی آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس: تفریح کا بہترین ذریعہ
-
We too know road to Bani Gala: PML-N
-
Hurdles in CPEC implementation frustrating Chinese
-
Terrorism a common threat to Iran, Pakistan: Iranian FM
-
Farooq Sattar seeks stringent security at MQMs temporary HQ
-
CM orders helmet awareness campaign
-
Info ministers vote goes to print media
-
Govt ordered to make transgender people part of census
-
ٹکگوٹی انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ: تفریح کی نئی دنیا میں خوش آمدید
-
ڈنر فوڈ ایپ ڈاؤن لوڈ کریں اور مزیدار شام کے کھانے کا لطف اٹھائیں
-
Crash Game Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ